بو هيڊ وهيل

بو هيڊ وهيل: هيءُ وهيل مڇي جو هڪ قسم آهي. بحر الڪاهل ۾ رهندڙ هن مڇي جي ڊيگهه 66 فوٽ ۽ وڌ کان وڌ وزن 136 ٽن آهي، جيڪا نيري وهيل کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ وزني هوندي آهي. هن مڇيءَ جو قد ۽ بت ٻين ڪيترين وهيل مڇين کان گھٽ هوندو آهي. هن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هي دنيا ۾ ٻچا ڏيندڙ سڀ کان قديم جانور آهي، هن جو وات به دنيا جي ٻين سڀني جانورن کان وڏو آهي. هن مڇيءَ جي وڌ ۾ وڌ عمر 200 سال رڪارڊ ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو